ڏاهري رضا محمد

ڏاهري، رضا محمد: رئيس رضا محمد ڏاهري، پنهنجي تر جو مشهور سياستدان، زميندار ۽ رڄ چڱو مڙس ٿي گذريو آهي. رئيس گلڻ ڄام ڏاهريءَ جو فرزند هو. 1944ع ڌاري ڳوٺ سردار رضا محمد ڏاهري، تعلقي دولتپور، ضلعي نوابشاهه (بينظير آباد) ۾ ڄائو. پرائمري ڳوٺ ۾ پڙهيائين ۽ مئٽرڪ گـورنمـيـنـٽ هاءِ اسـڪـول دولـتپـور مان 1959ع ۾ پاس ڪيائين. 1970ع جي اليڪشن ۾ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئيءَ جي مقابلي ۾ بيٺو، پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. 1983ع ۾ جنرل ضياء الحق جي دور ۾ سنڌ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو. 1985ع ۾ غير جماعتي چونڊن ۾ آزاد اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1998ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو.
سال 1986ع ۾ هن ڏاهري ذات جي 300 ماڻهن تي مشتمل ’ڏاهري فورس‘ قائم ڪيو. هن اُن فورس مان ايس. ايڇ. او ۽ ٻين عهدن تي ماڻهو کڻائي، بدامنيءَ جي دور ۾ حڪومت سان وڏو سهڪار ڪيو. ’ڏاهري فورس‘ جي قيام جو سبب هي هو ته جڏهن سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر ۽ بدامني عروج تي پهتي ته ان وقت جي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد غوث علي شاهه سنڌ جي زميندارن کان ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجا ماڻهو گهُريا. سردار رضا محمد ڏاهريءَ، ان سرڪاري آڇ کي قبول ڪندي ڏاهري فورس قائم ڪيو ۽ ان فورس وسيلي سرڪار سان سهڪار ڪيو.
رئيس رضا محمد ڏاهري عوامي خدمت ڪرڻ وقت پنهنجي ۽ پرائي جو خيال نه رکندو هو ۽ ماڻهن جي مسئلن حل ڪرڻ ۾ وڏي ناماچاري حاصل ڪيائين. رئيس رضا محمد ڏاهريءَ کي عرف عام ۾ ’ڏاڏو‘ سڏيو ويندو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو